Recent Posts

LightBlog

Breaking

Search This Blog

Tuesday, 11 July 2017



عقل ۽ شعور کان خالي اهڙن اکرين پڙهيل جاهلن کي ڇا چئجي
                                                                                  ( سٽون سلطان رند)


عقل ۽ شعور کان خالي اهڙن اکرين پڙهيل جاهلن کي ڇا چئجي جن جي جنوني ۽ وهشي ڪردار ۽ عمل جي ڪري سماج مان اعتماد ۽ رشتن جا قدر ٽٽي تند تند ٿي وڃن ٿا, شڪارپور شهر جيڪو هونء به سراسري طورتي جنونين جي گهيري هيٺ آيل آهي تنهن شهر ۾ هڪ وڌيڪ دل ڏکائيندڙ ۽ ڪنڌ جهڪائيندڙ واقعو پيش آيو آهي...!!!! اٺارنهن مهينا اڳ فيس بڪ ذريعي شڪارپور شهر سان واسطو رکندڙ فوجي جوان شاهه محمد ڀٽو جو پنهنجي ئي شهر جي تانيا ڀٽو نالي ڇوڪري سان پيار ٿئي ٿو جيڪو اڳتي هلي عشق ۾ تبديل ٿئي ٿو, ڇوڪري جي فرمائشن ۽ پيار جي پورائي لاءِ فوجي جوان پنهنجي نوڪري ڇڏي گهر يعني شڪارپور اچي ديرو ڄمائي ٿو پر حالتون سازگار نه هجڻ ڪري ڇوڪري جو رشتو وارث ٻي هنڌ طئي ڪن ٿا پوءِ ٻه جولاءِ تي مڱڻي جو ڏينهن به طئي ڪري وٺن ٿا اهڙي سڌ محبوبه تانيا ڀٽو کي پوڻ شرط هو پنهنجي عاشق شاهه محمد ڀٽو کي آگاهه ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪنهن به ريت ٿيندڙ مڱڻي ۽ شادي ۾ رڪاوٽون وجهڻ جي فرمائش ڪندي عاشق کي وارننگ ڏيندي چئي ٿي ته جيڪڏهن سندس شادي يا مڱڻي ٻي هنڌ ڪرائي وئي ته پوءِ هو خودڪشي ڪري ڇڏيندي اهڙي وارننگ کانپوء پهرين جولاءِ جي شام جو ِ عاشق شاهه محمد ڀٽو عقل جي انڌي محبوبه تانيا ڀٽو جي گلن جهڙي اٺن سالن جي معصوم ڀاء جواد ڀٽو کي اغوا ڪري موٽر سائيڪل ذريعي سکر کڻي وڃي ٿو جتي هي جنوني درنده صفت عاشق شاهه محمد ڀٽو معصوم کي گهٽا ڏيئي مارڻ کانپوءِ لاش سنڌو درياء ۾ اڇلائي ڇڏي ٿو بعد ۾ عقل جي انڌي ۽ جنوني محبوبه کي فون ڪري ٻڌائي ٿو ته هن پنهنجو ڪم ڪري ڇڏيو آهي سندس ڀاء کي ماري لاش سنڌو درياء ۾ لوڙهي به ڇڏيو آهي اهڙي ريت بعد ۾ هي جنوني ۽ ظالم واپس شڪارپور پهچي ٿو هوڏانهن پهرين تاريخ کان جيئن معصوم ٻارڙو گم ٿي ويو هو تنهن ڏينهن کان ٻارڙي جا وارث روئيندا, رڙندا معصوم ٻارڙي جي بازيابي لاءِ دردر جون ٺوڪرون کائيندا رهيا ۽ نيٺ گذريل ڏينهن شڪارپور پوليس ڪامياب ڪارروائي ڪندي معصوم ٻارڙي جواد ڀٽو کي اغوا ڪري گهٽاڏيئي بيدردي سان قتل ڪرڻ کانپوءِ سندس لاش سنڌو درياء ۾ لوڙهيندڙ جنوني , ظالم ۽ درنده صفت جوابدار شاهه محمد ڀٽو کي گرفتار ڪري جڏهن لکيدر ٿاڻي تي آندو ته هن ميڊيا جي آڏو پنهنجي ظالماڻي ڏوهه جو اعتراف ڪندي ٻڌايو ته هن اهو سڀ ڪجهه پنهنجي محبوبه تانيا ڀٽو جي چوڻ ۽ انهي جي حاصلات لاءِ ڪيو آهي هن چيو ته هو گرفتارين کان ويندي اڄوڪي ذليل ۽ خوار ٿيڻ واري ڏينهن کان واقف هجڻ باوجود سڀ ڪجهه ڪري ويٺو آهي جنهن تي هاڻي کيس شرمساري آهي , عقل جي انڌي اکرين پڙهيل گرفتار ڪري لکيدر ٿاڻي تي آندل محبوبه تانيا ڀٽو پڻ اعتراف ڪندي ٻڌايو ته هن پنهنجي عاشق شاهه محمد ڀٽو کي چيو هو ته ڪيئن به ڪري ٿيندڙ مڱڻي ۽ شادي سامهون رڪاوٽ پيدا ڪري ته جيئن پاڻ هڪ ٻي سان شادي ڪري سگهون باقي مون اهو نه چيو هو ته هو انهي لاءِ منهنجي ڀاء کي ماري ڇڏي , ڊي ايس پي سٽي حميد پنهنور صحافين کي ٻڌايو ته جوابدار وٽان قتل ۾ استعمال ٿيل موٽر سائيڪل ۽ قتل ڪيل معصوم ٻارڙي جي شرٽ به هٿ ڪئي وئي آهي هوڏانهن معصوم مقتول جواد ڀٽو جي امڙ دلشاد ڀٽو پوليس ۽ ميڊيا آڏو دانهون ڪندي ۽ روئيندي هٿ ٻڌي چوندي رهي ته جيئري يا مئي سندس جي گلڙي کي پيدا ڪري سندس حوالي ڪيو وڃي....!!!
ماضي جي تهذيب يافتا, برداشت ۽ بردباري واري شڪارپور جي نرڙ تي هاڻي هر نئين ڏينهن تي نئون داغ لڳائي سندس روح کي رانڀوٽا ڏنا پيا وڃن , آئون وري به اهوئي گوش گذار ڪندس ته اسان کي پنهنجي نوجوانن ۽ ماڻهن جي نظرياتي ۽ شعوري تربيت لاءِ پنهنجي پنهنجي حصي جو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ ادارن جي مالڪي به ڪرڻي پوندي جيڪڏهن اسان اڃابه اک نه پٽي سگهياسين ۽ صرف پنهنجي ذات ۽ انائن جي پورائي ۾ رڌل رهياسين ته پوءِ سڀ ڪجهه وڃائجڻ کانپوءِ ڪير پنهنجي سر به پاڻ کي بچائيندي به نه ٿو بچي سگهي ,سچ پچ ته اهڙاجنوني ڪردار اسان جي سماجي ساڃاهه ۽ بيهڪ جو اگهاڙو روپ آهن , آئيني ۾ پنهنجو بدنما چهرو ڏسي ۽ بيمار توڙي بدبودار جسم جي بيماري سمجهي اسان کي انهي جو علاج پڻ ڪرڻو پوندو, سٽون : سلطان رند

No comments:

Post a Comment